هالا: گهران نڪتل نوجوان ناري ديويا ميگهواڙ کي پرچائڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾عورت کي پرچائڻ لاءِ سندس ساهرا، مڙس، ڏير سميت هندو برادري سان تعلق رکندڙ معزز شخصيتون ٿاڻي تي پهتا ، ٻئي طرف هالا پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پهتل ناري ديويا کي سندس مڙس، سندس مائٽ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ناري راضي نه ٿيڻ تي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويندو.