هالا (ن پ ا) هالا جي ميگهواڙ ڪالوني ۾ هڪ سال اڳ ميرپورخاص مان پرڻجي آيل ناري ديويا ميگهواڙ پنهنجي مڙس ۽ نڻانن جي مسلسل تشدد کان بيزار ٿي تحفظ لاءِ هالا ٿاڻي تي پهچي ويئي، ٿاڻي تي پهتل ناري ديويا مينگهواڙ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته سندس هڪ سال اڳ شيوو ميگهواڙ سان شادي ڪئي هئي پر سندس مڙس شيوو ۽ سندس ڀيڻون هر روز مٿس تشدد ڪنديون رهنديون آهن جنهن دوران سندن ٽي ٻار پڻ ضايع ٿيا آهن انهن ذيادتين کان تنگ اچي ڪري مڙس جو گهر ڇڏي کانئس طلاق وٺي پنهنجي والدين ڏانهن رهڻ چاهيان ٿي.