جوهي (ن پ ا)هڪ هفتو ڪوٽڙي ۾ دوکي سان گهرائي بي دردي سان قتل ڪيل جوهي واسي عمران لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاء جوهي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان وارثن پاران مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مقتول جي وارثن غلام رسول لنڊ، شريف لنڊ، غلام حيدر لنڊ، رسول بخش لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد مخدوم
بلاول پارڪ کان احتجاجي مظاهرو ڊاڪٽر منظور چونڪ تي ڌرڻو هنيو. هنن الزام هنيو ته ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ پورهيت عمران لنڊ کي جوابدارن دوکي سان گهرائي ڪوٽڙي جي خدا جي بستي ۾ قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جي کيسي مان موبائل فون ۽ ٻيو ڪجهه پوليس کي هٿ آيو، ان با وجود پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد هاڻ قانوني ڪارروائي کان لنوائي رهي آھي. هنن چيو ته پوليس قاتلن کي بچائڻ لاء انهن کان ڳري رشوت وٺي خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي. مقتول جي وارثن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڪوٽڙي پوليس خلاف قدم کڻي عمران لنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.