لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي آزاديءَ لاءِ سندن وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي افسانه دايو، اقصيٰ دايو ۽ عبدالڪريم ٽڳڙ دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوانن جو ڪنهن به تنظيم يا گروهه سان واسطو ناهي ۽ نه ئي سندن مٿان ڪنهن ٿاڻي تي ڪو ڪيس داخل آهي پر ان جي باوجود 29 مئي 2017ع تي شهر جي نظر پاڙي مان درزي نوجوان انصاف دايو ۽ ايوب ڪالوني مان استاد ڪاشف علي ٽڳڙ کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته احتجاجن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي نوجوانن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.