سنجهورو: 27 ڊسمبر تي ڌيا ڀيل کي  بيرحم ۽ سفاڪانه انداز ۾ قتل ڪري سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪري سندس منهن تان کل لاھڻ بعد سندس مٿي تان وار روڙيا ويا ۽ سندس ڇاتين کي وڍي ٻانهن ۽ جسم تان کل لاهي سندس لاش جي تذليل ڪئي وئي.# ڌيا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل ڊاڪٽر پنهنجي  شروعاتي جانچ ۾ ٻڌايو ته ڌيا ڀيل کي ڪنهن تيز اوزار سان قتل ڪيو ويو آھي.# ڌيا ڀيل قتل ڪيس جي ايف آئي آر واقعي جي 36 ڪلاڪن بعد سندس پٽ سومر چند جي فرياد تي سنجهوري ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي.# جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڌيا ڀيل پنهنجي 13 سالن جي ڌيء مينا ڀيل کي ساڻ ڪري ڳوٺ جي سڏ پنڌ تي هلندڙ ڪمند جي ڇلي مان گاھ کڻڻ لاء ويون  جتي هوء پنهنجي ڏير شنڪر جي پٽ ساجن ڀيل کي سندس لاء ٻي ڀري تيار ڪرڻ لاء چئي هڪ ڀري کڻي وئي ته واپس ڇلي تي نه پهتي.# تقريبن 6 وڳي ڌاري جڏنهن هوء مقامي زميندار زين صاحب جي سرنهن جي فصل ۾ سندس لاش نظر آيو جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو.# پوليس لاش کڻائي تعلقه سول اسپتال سنجهورو آندو جتي ليڊي ڊاڪٽر وجيه سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.# سنجهورو پوليس ٻئي ڏينهن لاش ملڻ واري هنڌ تان سندن نظر ۾ هڪ شڪي پير جا کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا جيڪي ڌيا ڀيل جي اڪيلي ڀاء ڏيراج جي گهر پهتا.# ڌيا ڀيل قتل ڪيس ۾ هيل تائين سنجهورو پوليس سندس خاندان ۽ ويڙھي مان 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو جنهن ۾ سندس سڳو ڀاء ڏيراج ڀيل، سندس ڏير ڌرمون ، شنڪر ڀيل ۽ ان جا ٻه پٽ ساجن ۽ چمن ڀيل، سندس ڀيڻويو وزير ڀيل ۽ سندس ٻه ويجها مائٽ هيرو ۽ ڪوتريو ڀيل کي گرفتار ڪيو.# پوليس ڌيا ڀيل جي خاندان ۽ ويڙھي مان 41 ڄڻن جا ڊي اين اي ٽيسٽ پڻ ورتا.# پوليس علائقي جي جيئو فينسنگ به ڪرائي جنهن جي  رپورٽ مان نمبرن جي ڇنڊڇاڻ وارو سلسلو جاري جڏنهن ته شڪي نمبرن سان لاڳاپيل همراهن کي گرفتار پڻ ڪيو.# روپي ڀوپي کي 25 چڪ مان گرفتار ڪيو ويو.# ڌيا ڀيل قتل ڪيس جي ڏهين ڏينهن ڪيس جو ڊراپ سين ٿيو ۽ روپي ڀوپي ڏوھ قبوليندي قتل جو اعتراف ڪيو ۽ سندس نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ٿيل سامان به برآمد ڪيو ويو.