ڀرياسٽي (رپورٽ: فتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ۾ ايم سڪس موٽر وي ميگا ڪرپشن: 4 معذورن جي اڪائوٽس ۾ ڪروڙين رپيا منتقل ٿيڻ جو انڪشاف، ايف آءِ اي جي پاران جاچ شروع، معذورن کي طلب ڪري پڇا ڳاڇا، معذورن جو چوڻ آهي ته کين ڪا به ڄاڻ ناهي، ذڪوات چيئرمين سندن کان سڃاڻپ ڪارڊ ورتا هئا، خبر موجب ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن جي حوالي سان ڀريا سٽي جي 4 معذورن جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا منتقل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي ٽيم 4 معذورن کي نوابشاهه گهرائي پڇاڳاڇا ڪئي، هوڏانهن ڪالهه ڪرپشن ۾ نالا ظاھر ٿيڻ خلاف ڳوٺ ڪوڙو ميمڻ جي 4 معذورن مختيار ميمڻ، نذير ميمڻ، ارباب سولنگي ۽ ٻين پنھنجي وارثن سان گڏ احتجاج ڪيو، هنن چيو ته اسان کي ايف آءِ اي نوابشاهه گھرائي پڇا ڳاڇا ڪئي ته توھان جي اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپيا ڪيئن ۽ ڪٿان آيا آهن، توھان ڪنھن جا سھولتڪار آھيو، ھنن ٻڌايو ته اسان کين ٻڌايو ته ضلعي عشر زڪوات ڪاميٽي جي چيئرمين پاران زڪوات ڏيڻ جي آسري تي اسان کان شناختي ڪارڊ ۽ فوٽو ورتا ويا ھئا، جن تي سنڌ بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرائي ڪرپشن ڪئي وئي، ھنن ٻڌايو ته مسڪين آھيون، اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي زڪوات چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ضلعي زڪوات چيئرمين خليفي شڪيل ميمڻ ٻڌايو ته معاملي بابت کيس ڪا به ڄاڻ ناھي، اڪائونٽ کولڻ سنڌ بينڪ جو ڪم آھي، هو ڪنهن جو به ڪنهن به بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرائي نٿو سگهي.