دوداپور (ن پ ا) پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلبهار بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي ۽ ڏاهاڻي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ 45 ورهين جو اعجاز احمد بنگلاڻي مارجي ويو، غلام علي بنگلاڻي شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڳڙھي خيرو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو بهار ڏاهاڻي ۽ اعجاز بنگلاڻي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي بنگلاڻي برادري ڌر جي ڪمدار بنگلاڻي جو چوڻ آھي ته اسان پنهنجي زمين تي برسات سبب هلندڙ ڪٽ بند ڪرڻ لاءِ پنهنجي زمين تي هئاسين ته ڏاهاڻين حملو ڪري اسان جي هڪ ڄڻي کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن ياد رهي ته 8 مهينا اڳ چوري جي تڪرار تان بنگلاڻي ۽ ڏاهاڻي ڌرين ۾ تڪرار ڀڙڪي پيو هو جنهن ۾ ھن وقت تائين هڪ عورت سميت 4 ڄڻان قتل ٿي ويا آھن.