سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي مبينا اغوا، عدالت ۾ پٽيشن داخل، عدالت آءِ جي سنڌ کي 13آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو. سکر گلشن اقبال سائيٽ ايريا جي رھواسي فاروق مھر طرفان سکر سيشن ڪورٽ ۾ پنھنجي وڪيل نذير چاچڙ معرفت پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس سئوٽ علي جان مھر کي 18 سيپٽمبر تي اغوا ڪري نامعلوم جاءِ تي باندي بڻايو ويو آھي. خدشو آھي ته کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي قتل نه ڪيو وڃي. ھن عدالت کي استدعا ڪئي ته سندس سئوٽ کي باحفاظت بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. درخواست گذار جي وڪيل نذير چاچڙ مطابق ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر جي عدالت درخواست فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سکر ڏانھن منتقل ڪئي، جنھن بعد فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سکر جي عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌر بڻايل آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي سکر، ايس پي انويسٽيگيشن ڊسٽرڪٽ سينٽرل ڪراچي شھلا قريشي، انسپيڪٽر سرفراز خواجه نارٿ ناظم آباد ڪراچي، ايس ايچ او تماچاڻي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن. جڏھن تہ عدالت آءِ جي سنڌ کي 13 آڪٽوبر تي اغوا ٿيل علي جان مھر سميت پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي.