نوابشاهه/دولتپور صفن (نمائندن وٽان) پ پ ايم پي اي خان محمد ڏاھري جو والد ۽ اڳوڻي ايم پي اي بهادر ڏاهري جو چاچو جان محمد ڏاھري ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 90 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز اباڻي ڳوٺ رضا محمد ڏاهري ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ اڳواڻ ضياءُ الحسن لنجار ، ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد سندس مڙهه سيد شاهه حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سوڳوار خاندان سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي،