دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو دڪان مان چوري ڪندي شهرين هڪ چور کي پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. خبر موجب دائوجهانپور شهر ۾ ضمير ميرالي جي دڪان مان چوري ڪرڻ دوران شهرين هڪ چور کي سوگهو ڪري ورتو، پڪڙيل چور جي سڃاڻپ شهدادڪوٽ واسي سهراب بروهي جي نالي سان ڪئي وئي، جنهن کي شهرين ڪٽڪي بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.