دنيا جو سڀ کان اوچو سوئمنگ پول سياحن لاءِ کلي ويو

0
435

دبئي(دلچسپ نيوز) دنيا جو سڀ کان اوچو سوئمنگ پول سياحن لاءِ کلي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دبئي ۾ ايڊريس بيچ ريزورٽ جي اوچائي تي سوئمنگ پول ٺاهيو ويو آهي، سياحتي مرڪز مرينه ۾ ٺاهيل ان سوئمنگ پول جي اوچائي 964 فوٽ آهي جڏهن ته اولمپڪ سائز جي پول کان ٻيڻو ڊگهو هجڻ ڪري ان کي گنيزبڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ ۾ پڻ داخل ڪيو ويو ، سوئمنگ پول تان دبئي جي اسڪائي لائن جو منظر ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته في الحال اهو سوئمنگ پول رڳو 21 سال ۽ ان کان وڏي عمر جي ماڻهن لاءِ هوندو. خوبصورت منظر پيش ڪرڻ سبب سوئمنگ پول جلد ئي سياحت جو مرڪز بڻجي ويندو.