ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

0
236
Ahsan Iqbal

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب، گهرو وزارت اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ڪيسن سبب ڪابينا احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، واضح رهي ته ليگي اڳواڻ احسن اقبال خلاف نارووال اسپورٽس سٽي جي نيب ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ نيب ۾ ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو ويو هو، قومي احتساب بيورو ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي هئي.