ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس عدالتي حڪمن تي اغوا ڄاڻايل  شاگردياڻي دعا زهره کي لاهور کان ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو، جنهن  کي سخت حفاظتي اپائن هيٺ  چائلڊ پروٽيڪشن  بيورو ۾ رکيو ويو آهي، پوليس موجب دعا کي پهرين آگسٽ تي لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، هوڏانهن  چائلڊ پروٽيڪشن بيورو جي ڊي جي ٻڌايو ته دعا جي حفاظت لاءِ خاص  انتظام ڪيا ويا آهن، ڪنهن کي به دعا سان ملڻ جي اجازت ناهي، پوليس  دعا کي ڪيس ۽ ڪسٽڊي جي حوالي سان  پهرين آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪندي