لاهور (م ڊ) بلوچستان جي فيڪٽرين جو گدلو آر بي او ڊي سم نالي جو پاڻي ڪراچي جي ندي ۾ ڇڏيو ويو، ندي جو  پاڻي ڪينجهر ذريعي ڪراچي شهر کي فراهم ڪيو ويندو آهي،  ندي مان ڄامشوري، لمس، مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ ورسٽي ۽ ڪوٽڙي کي به پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، ڄامشورو ٽائون انتظاميا موجب آر بي او ڊي سم نالي ۾ برساتي پاڻي اوور فلو ٿي ويو،  انڪري ڪراچي جي ندي ۾ ڇڏڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نه هو.