سيوھڻ : قلندر لعل شھباز جي عرس  تي ايندڙ زائرين ۽ مشڪوڪ ماڻھن  مٿان نظر رکڻ لاءِ اوقاف کاتي انتظاميا پاران مزار جي خراب پيل سي سي ڪيئمرائن جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي، ٻي طرف   ميلي دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،   ايس ايس پي ڄامشورو عمران قريشي موجب ته ميلي دوران پوليس جي ساڍا چار ھزار نفري مقرر ڪئي ويندي. جڏهن ته  رينجرس 250 ۽ مختلف ايجنسين جا اھلڪار ۽ پاڪ فوج  پڻ امن امان برقرار رکڻ لاءِ  ڊيوٽيون انجام ڏيندا.