سيوھڻ: قلندر لعل شھباز جي عرس دوران ريسٽ ھائوس ۽ گھر ڪرائي تي ڏيندڙ مالڪن سان اي ايس پي سيوھڻ بيدار بخت پاران گڏجاڻي ڪئي وئي، ان موقعي تي ايس ايچ او سيوھڻ مالڪن کي خبردار ڪندي چيو ته پنھنجا گھر ۽ ريسٽ ھائوس ۾ رھندڙ زائرين جي ٿاڻي تي رجسٽريشن لازمي ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.