ڪوٽڙي (رپورٽر) سيوهڻ جي اديبن ايوارڊ جي اهميت بحال ڪرڻ لاءِ ڊي سي ڄامشورو کي خط لکي ڇڏيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ سان لاڳاپيل اديبن پاران ڊي سي کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال قلندر لعل شهباز جي ميلي جي موقعي  تي شهباز ايوارڊ جو ڪو معيار مقرر  نه ڪيو ويو هو، ايوارڊن تي گهڻي تنقيد پڻ ٿي هئي. ان ڪري هن ميلي  جي موقعي تي ايوارڊ جو معياربحال ڪيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت سيوهڻ جي عهديدارن ۽ نالي وارن اديبن مير حاجن مير، ڊاڪٽر الياس ڀٽو ۽ ٻين پاران سيوهڻ ميلا ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ڊي سي ڄامشورو ڪئپٽن  ريٽائرڊ فريدالدين مصطفيٰ کي باظابطه طور لکيل خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل سال اوهان جي ايامڪاريءَ ۾  قلندر لعل شهباز  جي 770هين  ميلي جي موقعي تي ، شهباز ايوارڊن جي تقسيم غير مناسب رهي، جنهن جو ڪو معيار نه رکيو ويو هو، هر سال ساڳين ماڻهن کي ايوارڊ بنا ڪنهن معيار جي ڏنا وڃن ٿا، ايتري قدر جوروينيو کاتي جي پٽيوالن ۽ چوڪيدارن کي به شهباز ايواڊ ڏنا ويا، ان ڪري ايوارڊن جي ڪاميٽيءَ  ۾ اهل ماڻهن کي رکيو وڃي ،  جنهن سان ورهاست جو معيار بلند ٿئي. هن ڀيري قلندر لعل شهباز  ميلي جي موقعي تي ايوارڊن جو خاص خيال رکيو وڃي، غير معياري ماڻهن کي نه ڏنا وڃن . ٻي صورت ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيوهڻ پاران احتجاج ڪيو ويندو.