دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري مين چوڪ ڀرسان خالي پيل پلاٽ تي ملڪ ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران لٺيون ۽ مڪون لڳڻ سبب غلام سرور خاصخيلي ۽ زاھد ملڪ زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اطلاع تي دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو. جڏھن ته عبدالحفيظ خاصخيلي ۽ غلام سرور خاصخيلي چيو ته اسان عبدالستار ملڪ کان پلاٽ خريد ڪيو آھي جنھن جي رجسٽري اسان وٽ موجود آھي ڪورٽ مان پڻ اسان جي حق ۾ فيصلو آيو آھي. جڏهن ته ٻي ڌر جي زاھد ملڪ ۽ خالد ملڪ چيو ته اسان جو پلاٽ جي معاملي تان ڪافي وقت کان مامي سان جھيڙو ھلندڙ آھي ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھي.