ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ 7 مهينا اڳ ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد احمد ڀٽي جي وارثن ۽ شهرين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي جمال جوش ٻرڙو، اصغر لاشاري، علي حسن ڀٽي، جاويد ساغر بروهي ۽ ٻين چيو ته پوليس نينگر ۽ ڊاڪٽر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو. هنن چيو ته جوابدار ڌر وارثن کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.