وارهه (ن پ ا) وارهه شھر جي مختلف پاڙن سچل ڪالوني، ابڙا ڪالوني، عيدگاھ پاڙو، گل شاھ ۽ ٻين پاڙن جي گيس فراهمي لائين ٽٽڻ سبب گذريل ستن مهينن کان گئس جي فراهمي بند پيل آهي، جنهن سبب علائقي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، علائقي واسين احمد رضا چانڊيو، غلام حسين بروهي، منورڪلهوڙو، احمد ٻگهيو، محرم ٻرڙو ۽ ٻين ٻڌايو ته ست مهينن کان گئس ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته گئس بحال ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.