خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر ويجهو ڳوٺ چڪ سيال ۾ مبينا طور موٽر سائيڪل تي نه کڻڻ تان سيال ۽ ملڪ برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺيون ۽ ٺونشا لڳڻ سبب هڪ ڌر جو عبدالرشيد ملڪ زخمي ٿي پيو، زخمي کي وارث خانپورمھر ٿاڻي تي کڻي آيا، جتان پوليس ليٽر ملڻ بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن خانپورمهر ٿاڻي تي واقعي جي اين سي پڻ رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليس ٻنهي ڌرين جي خان محمد ملڪ ۽ اسد سيال کي گرفتار ڪري ورتو آهي.