دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري_ ڦل روڊ تي نور محمد راڄپر اسٽاپ وٽ 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي رهواسين پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي فضل مري، محمد حسن مري، الهه رکيو پلهه، مولا بخش مري ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ضلعي انتظاميا اسان جي ڳوٺن کي هٿ سان ٻوڙيو آهي، هنن چيو ته ڳوٺن ۾ لاش پيا آهن پر پاڻي بيهڻ سبب مڙهه دفنائي به نه ٿا سگهون، هنن مطالبو ڪيو ته پڊعيدن_ ڦل روڊ تي ڳوٺ خدابخش آرائين وٽان روڊ کي ڏنل ڪٽ بند ڪري برسات جي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.