ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٽنڊوالھيار جي لفٽ مشين ميرپورخاص ۾ وڏيري جي زمينن مان مبينا طور پاڻي ڪڍڻ لاءِ جاري ڪئي وئي، جيڪا ميرپورخاص ڊاٽسن جي پويان ٽوچن ڪيل ڏٺي وئي، جنهن کي ميرپورخاص باء پاس وٽ برسات متاثرين روڪي جنهن تي ڊاٽسن ڊرائيور جو چوڻ ھو ته ڄاڻايل لفٽ مشين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٽنڊوالھيار جي ملڪيت ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ٽنڊوالھيار ضلعي جو تعلقو جھنڊو مري سڀ کان وڌيڪ برسات سبب تباھ ٿيو آهي، جتي ھن وقت به 90 سيڪڙو برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ۽ عوام پاران پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي احتجاج روز جو معمول بڻيل آهي ته ٻي طرف انتظاميا ضلعي جون لفٽ مشينون ضلعي کان ٻاهر پنهنجن وڏيرن کي ڏيڻ لاءِ خوشامتون ڪرڻ ۾ پوري آهي ۽ ھتي جو عوام پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ لفٽ مشينون جي گھر ڪري رهيو آهي.