ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ استادن جي تنظيم سوٽا طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سوٽا جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر احمد علي بروهي، جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ جي اڳواڻي ۾ سوٽا جي ٻين عهديدارن ڊاڪٽر حاڪم علي، ڊاڪٽر جمشيد چانڊيو، ڊاڪٽر عرفان شيخ، ڊاڪٽر عمران ۽ ٻين استادن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ پهچي سليڪشن بورڊ ويهاري استادن کي ترقيون ڏيڻ، 22 گريڊ جي استادن کي جائز حق ڏيڻ، يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل شروع ڪرڻ سوڌو پنهنجي ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رکيو، جنهن دوران استادن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي ڪندي يونيورسٽي جي رجسٽرار کي مسئلا حل نه ٿيڻ ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي کيس فوري طور تي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي سوٽا اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  سال 2021ع ۾ انائونس ٿيل پوسٽن تي جلد کان جلد  هن ئي مهنيي ۾ عمل ڪري سليڪشن بورڊ ڪرايو وڃي، سمورا ريميونريشن بل ، ايڪس گريشيا ۽ ٽيليفون الائونس جا رهيل بل هڪ هفتي اندر ادا ڪيا وڃن، هائوسنگ سوسائٽي جي اڪائونٽ کي هلائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرس طرفان گڏيل فيصلي تحت ٽن ڄڻن جا نالا جيئن ته وائيس چانسلر کي ڏنا ويا آهن، انهن جو نوٽيفڪيشن جلد ڪڍيو وڃي، هنن چيو ته اي سي ٽو ۾ ويٺل آفيسرن کي فيڪلٽي ميمبرس سان معدبانه ۽ سنجيده رويو اختيار ڪرڻ گھرجي ۽ اسڪالرشپ تي ويندڙ استادن کي لاڳو قانون مطابق سهولتون ڏنيون وڃن ۽ سندس موڪل ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي، شاگردن جا ڪلاس جلد کان جلد هلايا وڃن ۽ ڊائريڪٽرس توڙي ڊين فيڪلٽيز پاران اڪيڊمڪ ايڪٽوٽيز کولڻ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.