ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايڊيشنل  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ظهير ۽ سندس ڀاءَ شير جي ضمانت، جوابدار ظهير طرفان شاگردياڻي سان ملڻ ۽ شاگردياڻي جو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرڻ وارين درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، وڪيلن ظهير کي شاگردياڻي  سان ملڻ جي اجازت ڏيڻ، سندس  164 جو بيان قلمبند ڪرڻ توڙي  جوابدار ڀائرن جي ضمانت واري درخواست تي دليل مڪمل ڪري ورتا. عدالت ٻڌڻي 9 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل سڄي عدالتي ڪارروائي فون ذريعي ٻاهر ڪنهن کي ٻڌرائي، جنهن تي مدعي جي وڪيل موبائل فون پڪڙي جج جي سامهون رکي ڇڏيو، جنهن تي عدالت جوابدارن جي وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس وارننگ ڏني ته اڳتي ائين ڪيو ويو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي