داد لغاري (ن پ ا) داد لغاري ويجھو ڳوٺ غلام حيدر سولنگي جو رهواسي پورهيت محمد رمضان سولنگي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نوجوان ڏهاڙيءَ تي ونئڻن کي زرعي دوا جو  اسپري ڪري رھيو ھو ته فصل ۾ ڪِريل بجليءَ جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو، واقعي بعد وارث نوجوان کي کڻائي اسپتال پهتا جتي  ھن دم ڏئي ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.