جاتي(ن پ ا)جاتي لڳ يونين ڪائونسل ڪوٺي جي ڳوٺ حاجي بصريو ڪندائي ڀرسان پاڻي تلاءُ ۾ ست سالا نينگر جاويد ڪندائي ملاح جو پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو،جنهن کي وارثن اطلاع ملڻ تي تلاءُ مان ڪڊي تعلقي اسپتال پهچايو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر پاران چڪاس ڪري نينگر جاويد ڪندائي ملاح جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد وارٽ نينگر جو لاش گهر کڻائي ويا،نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.