اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳيءَ ڀرسان ڳوٺ خدا بخش هيسباڻي ۾ زمين تي ڪِريل بجليءَ جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 60 سالن جو پيرسن نائب علي بالادي موقعي تي بيهوش ٿي ويو. ڀرپاسي زمين ۾ ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻن وارثن کي اطلاع ڪيو، جن پيرسن کي کڻائي مقامي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پيرسن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. واقعي بعد وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. جنازي نماز بعد مرحوم جي لاش کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.