دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ جڳھه تي قبضو ڪرڻ خلاف هنيل ڌرڻي دوران تيز بخار ۾ مبتلا نينگر کي سندس ماء رڪشا ۾ اسپتال کڻي وڃي رهي ته احتجاج ڪندڙ رڪشا کي روڪي بيهاري ڇڏيو ، تڪليف سبب نينگر جي تڙپڻ تي سندس مان احتجاج ڪندڙن کي منٿون ڪيون ته سندس پٽ کي تيز بخار آهي تڙپي پيو خدا جي واسطي اسان کي رستو ڏيو پر رستو نه ڏيڻ تي عورت دانهون ۽ رڙيون ڪيون ته منهنجي پٽ کي تيز بخار آهي توهان شرم حياء ناهي. عورت احتجاج ڪندڙن سان جهڙپون ڪندي ٻڌل رسو مٿي ڪري رڪشا کي ڪراس ڪرائي پٽ کي اسپتال کڻائي وئي