ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حنيف ڊومڪي پاران  ٽائون  آفيسر خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ضلعي صدر حنيف ڊومڪي ٽائون آفيسر ڪشمور مٿان الزام لڳائيندي چيو ته وحيد ڊومڪي ڪشمور جي مختلف علائقن شاھي واھ، مسلم بازار، پراڻي شاھي، پي پي ايل ڪمپني روڊ پراڻي نيشنل بينڪ ۽ ٻين ھنڌن تي پلاٽن ۽ شھرين جي ڪاروباري مرڪزن کي ٽائون ڪاميٽي جي ايراضي ڄاڻائي قبضا ڪري شھرين کي هراسان ڪري رهيو آهي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي ٽائون ڪاميٽي ڪشمور جي ٽائون آفيسر وحيد ڊومڪي چيو ته پي ٽي اڳواڻ حنيف ڊومڪي ڪشمور ۾ شيل پيٽرول پمپ ڀرسان 4 ھزار اسڪوائر فٽ تي قبضو ڪيو آهي، اسين ڪافي وقت کان ٽائون ڪاميٽي طرفان اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن شروع ڪيو آهي قبضن خلاف ڪارروائي ڏسي پي ٽي آئي اڳواڻ مون مٿان به بنياد الزام لڳايا آهن.