سکر: سکر پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڊيوٽي ڊاڪٽرز، نرسن کان پڇا ڳاڇا جاري، پوليس سيڪيورٽي گارڊز، وارڊ بواءِ سميت 10 ڄڻن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جڏھن ته ڊيوٽي ڊاڪٽر، نرسن توڙي لاڳاپيل عملي جا پڻ بيان رڪارڊ ڪيا ويا آھن. سول اسپتال سکر جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻيءَ جو چوڻ آھي ته پوليس اڻ ڌري جاچ ڪري رھي آھي ۽ اسپتال انتظام پوليس سان ھر ممڪن تعاون به ڪري رھي آھي. ٻئي طرف سي سيڪشن پوليس جو چوڻ آھي ته ٻارڙي جي پراسرار نموني اغوا واري معاملي جي گھڻ رخي جاچ ڪئي ويندي، جلد پوليس نتيجي تائين پھچي ويندي، تيسيتائين ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگھجي.