دادو (رپورٽر )  دادو ۾ مسجد ڪاميٽي اڳواڻن پاران دڪانن تي قبضي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي مسجد ڪاميٽي جي اڳواڻن محبوب علي ڀرڳڙي، محمد عرس لغاري، غلام رسول کوسو ۽ ٻين چيو ته پوليس اهلڪار دڪانن ۽  گھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.