اسٽيفن هاڪينگ: هڪ جينيئس جي ڪهاڻي

0
266
اسٽيفن هاڪينگ: هڪ جينيئس جي ڪهاڻي

هن دنيا جي گولي تي سائنس جي دنيا جا وڏا ستارا پيدا ٿيا آهن. جن مان هڪ ناياب ستارو جنهن جي زندگي هن ڪائنات جي هڪ ڪامياب، دردناڪ ۽ مفيد ترين زندگي آهي. انهي زندگي تي دنيا جو دلچسپ ترين ناول لکي سگهجي ٿو. جنهن جي زندگي تي فلمون ٺهي سگهن ٿيون. انهي ماڻهو کي پڙهڻ کانپوءِ ماڻهو مان مايوسي ختم ٿيو وڃي، نئين زندگي مليو وڃي، مايوسي ۾ مئل ماڻهو ڄڻ وري زنده ٿيو پوي. اسٽيفن وليم هاڪينگ 8 جنوري 1942ع تي انگلينڊ جي شهر آڪسفورڊ ۾ ڄائو. هن جي جنم ڏينهن تي  جڳ مشهور سائنسدان گيليلو گيليلي جي موت کي ٺيڪ 300 ورهيه ٿيا هئا! هن جي جنم جي ٻئي ڏينهن آمريڪي فلڪياتي ماهر هيبر ڊوئسٽ ڪرٽس 69 سالن جي ڄمار ۾ مري ويو. جڏهن اسٽيفن 8 سالن جو ٿيو تڏهن هن جي فيملي سينٽ البنس نالي ڳوٺ ڏانهن رواني ٿي. اهو ڳوٺ لنڊن کان 20 ڪلو ميٽر پري آهي. جڏهن 11 سالن جو ٿيو ته گهر وارن هن کي سينٽ البنس اسڪول ۾ داخل ڪيو. 1952 ع ۾ هي يونيورسٽي ڪاليج  ۾ داخل ٿيو. اهو ڪاليج هن جي پيءُ جو پراڻو ڪاليج هو. تنهن دور ۾ اسٽيفن جو شوق هو ته ميٿيميٽڪس پڙهان پر هن جي پيءُ چيو ته هي ڊاڪٽر ٿئي. پر هن وري گهر وارن سان ضد ۽ جهيڙا ڪري ڪري پنهنجي ڳالهه مڃرائي. اها ڳالهه ڪجهه ايئن هئي ته ميٿيميٽڪس ئي ملي جي نه ته پوءِ فزڪس ملي بس. ڇاڪاڻ ته جنهن ماڻهو کي  ميٿس جو علم وڻندو آهي. انهي کي فزڪس وڻندي ئي آهي. انهي جو سبب شايد هي آهي ته فزڪس جو ڪم تقريبن مساواتن ۾ هوندو آهي! ٻارڙائپ ۾ هن پڙهائي ۾  تمام گهڻا نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ منفرد شاگرد رهيو. هن جي فزڪس جي استاد جو نالو رابرٽ برمن Robert Berman  هو جنهن چيو ته  “اسٽيفن هاڪينگ بيحد هو شيار ٻار هو، جيڪو ڪجهه ڪتاب پڙهندو هو، نوٽس تمام گهٽ ٺاهيندو هو! ٿيورم حل ڪندو هو ۽ مساواتون ٺاهيندو ۽  حل ڪندو رهندو هو، جنهن طريقي سان ٻيا شاگرد حل نه ڪري سگهندا هئا”. مختف نيون شيون ايجاد ڪرڻ ۾ هوشيار هجڻ جي ڪري هن کي سندس اسڪول ۾ ” آئنسٽائين“ ڪري سڏيندا هئا. اسٽيفن هاڪنگ جي ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 15 آهي جيڪي هي آهن: ماءِ بريف هسٽري، دي گرانڊ ڊزائين، بريف هسٽري آف ٽائيم، اي بريفر هسٽري آف ٽائيم،بليڪ هولس دي ريلٿ ليڪچرس، جارج اينڊ دي بليو مون، جارج اينڊ دي بگ بينگ، جارج اينڊ دي انبريڪ ايبل ڪوڊ، جارج ڪوسمڪ ٽريئيزر هنٽ، جارجز سيڪريٽ ڪي ٽو يونيورس، دي يونيورس ان نٽشيل، بليڪ هولس اينڊ بيبي يونيورس، آن دي شولڊرس آف جائينٽ، دي لارج اسڪيل اسٽرڪچر آف اسپيس ٽائيم، گاڊ ڪريئيٽيد دي انٽيجرس. اسٽيفين هاڪينگ جي زندگي تي هڪ فلم ٺهيل آهي جنهن جو نالو “دي ٿيوري آف ايوري ٿنگ” آهي!

1966 ع ۾ هن کي Adam Prize  ايوارڊ مليو. جنهن مضمون تي ايوارد ميلو انهي جو عنوان هو،Singularities & Geometry of Space Time    1968ع ۾ڪيمبريج يونورسٽي جي فلڪيات شعبي جو ميمبر ٿيو ۽ 1970ع  ۾ بليڪ هول ڊائينامڪس جو ٻيو قاعدو ڏنو.  1973ع ۾ هن ماسڪو گهميو. 1975ع ۾ هن کي ايڊينگٽن ميڊل مليو ۽ِ ايپيئس XI  جو سونو ٻلو مليو. 1977ع ۾ البرٽ آئينسٽائين ايوارد مليو 1982ع م رائل ايسٽراناميڪل سوسائيٽي جو ايوارڊ مليو ۽ ان ئي سال CBE ميڊل مليو. انهي کانسواءِ 1988ع ۾  وولف پرائيز ،  1989ع ۾ ڪمپينيئن آف آنر باءِ هز هائينيس، ليوليئس ايڊگر  ۽ ليليئل فيلڊ پرائيز ، ڪاپلي ميڊل مليو. 2013 ع ۾ فنڊامينٽل فزڪس پرائيز مليو. رايل سوسائٽي جي فيلوشپ ۽ آمريڪن نيشنل  اڪيڊمي آف سائينسز جو ميمبر رهيو. اسٽيفن هاڪينگ کي تقريبن 13 اعزازي ڊگريون مليون!اسٽيفن جي زندگي جو سال 1963ع جو اهو بدنصيب ڏينهن هو جڏهن هو پنهنجي  حسين زندگي جا ڪجهه پل ڪنهن پروگرام ۾ دوستن ۽ مائٽن سان گذاري رهيو هو ته اچانڪ هن جي ٻولي ٿڙهڻ لڳي، زمين ڦرڻ لڳي، هن جا  حواس خطا ٿيڻ لڳا. هن نوجوان سائينسدان تي اهو پهريون بيماري جو حملو هو. جنهن ۾ هي وڃي سيڙهين ۾ ڪريو! هن کي ڊاڪٽرن ڏانهن وٺي ويا.  جاچ پڙتال ڪرڻ کان پوءِ ۽ ٽيسٽن جا نتجا ڏسي، بيماري سڃاتئون! ڊاڪٽرن هن بيماري کي انهي وقت ”ايميوٽرافڪ ليٽرل اسڪيلريز“ سڏيو. اها هڪ خطرناڪ بيماري آهي. جنهن ۾ چوندا آهن ته نسون سڪڙنديون آهن۽ انسان جي جسم جا مسل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن! ڊاڪٽرن جو خيال هو ته اسٽيفن وڌ ۾ وڌ ٻه يا ٽي سال زنده رهندو. جڏهن اها ڳالهه اسٽيفن تائين پهتي ته هن مسڪرائي انهي ڳالهه کي درگذر ڪندي پڇيو ته  منهنجي رسرچ رهي پئي آهي ڪڏهن اجازت ڏيندا ڊاڪٽر جو وڃي رسرچ ڪيان. هن نه  صرف پنهنجي ريسرچ تيز ڪئي پر ڏهاڪن واري رفتار کي برقرار رکڻ  جي هڪ معجزاتي زندگي جي ڄڻ ته نئين شروعات ڪئي. هو ڄڻ ته لطيف سائين جي هن بيت جي هو بهو تصوير ٿي ويو ته:

پيرن هلڻ ڇڏيو ته گوڏن ڀر گسڪندياس!

گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته سِسي ڀر سُرندياس،

سِسي سُرڻ ڇڏيو ته چپن سان چُرندياس،

چپن چُرڻ ڇڏيو ته هينئين سان هُرندياس،

هوت مليو ته ملندياس نه ته گهوري جان جتن تان…!

هن جسماني طور معذور ماڻهو پر دماغي طور صحتمند ترين انسان  انهن آسماني ستارن جا ڇٽ پٽن تي پئي هنيا. هن جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن چيو ته هن کي هاڻي ويل چيئر تي هلڻ کپي . اها ويل چيئر ڪيمبريج يونيورسٽي جي هن سان گڏ ڪم ڪندڙ دوست ايجاد ڪئي. جنهن ۾ هڪ ڪمپيوٽر سيٽ لڳل هو . جنهن تي ٽچ پيڊ اسڪرين هو. جنهن ذريعي جڏهن اسٽيفن هاڪينگ جي زبان ڪم ڪرڻ ڇڏيو تڏهن هو ڪمپيوٽر تي لکندو هو. ۽ اهو ڪمپيوٽر ٽرانسڪرائيب ڪري (رڪارڊ ڪري) ماڻهن کي ٻڌائيندو هو ! اها ويل چيئر به تاريخ جي تمام وڏي ايجاد هئي. برطانيه ڄائي هن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندڙ 21 صدي جي انسانن جي دماغن تي راڄ ڪندڙ هڪ محبوب بادشاه اسٽيفن هاڪينگ جي جڏهن سڀني عضون ڪم ڪرڻ ڇڏيو. ايتري قدر جو صرف اکيون وڃي ڀٽڪڻ لاءِ بچيون تڏهن به هن هار ڪونه مڃي ۽ پنهنجون تخليقون، ايجادون، تقريرون ۽ ڳولائون جاري رکيائين. انهي ئي ويل چيئر ۾ هڪڙو اهڙو اوزار هو جنهن اک جي پنبڙين کي پڙهيو ٿي ۽ اسٽيفن هاڪينگ جي تصَورن کي عوام تائين پهچايو ٿي! ۽ دنيا جي سائنسدانن انهي کي ٻڌو پئي سمجهيو پئي لکيو ۽ ڪتاب ڇپيا پئي! بهر حال موت هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي. موت هر وجود کي اچڻو آهي. جسم کي مرڻو آهي. ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ اهڙا ڪم ڪري جو موت کان پوءِ به ماڻهو جو نالو رهي. جيئن ڪارل مارڪس، اينجلس، سقراط، افلاطون، گوتم ٻُڌ، لينن، مائو، آئينسٽائين، لطيف، چاڻڪيا، اشوڪا، ڊارون، ڪبير ، چي گويرا، ڪاسترو، مارٽن لوٿر ۽ ٻِيا پنهنجي دنيا کي بدلائيندڙ ڪم جي ڪري اڄ به زنده آهن. تيئن اسٽيفن هاڪينگ پنهنجن سائينسي نظرين جي ڪري سدا حيات رهندڙ ڪردار جسماني طور اسان کي 76 سالن جي عمر ۾ وڇڙي ويو، پر هن جو عظيم ڪردار زنده آهي ۽ هميشه رهندو!

[email protected]