دادو (رپورٽر) دادو ڀرسان ڳوٺ باريجا ۾ راند کيڏندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 5 سالن جو رحمان پٽ آصف بروهي  سخت زخمي ٿي پيو، نينگر کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو ويو، جتي نينگر زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو آهي ، وارثن پاران اسپتال انتظاميا کي نينگر جو لاش ڳوٺ نيڻ لاء ايمبولنس جي گهر ڪئي پر ايمبولنس نه ملڻ تي وارث نينگر جو لاش موٽر سائيڪل تي ڳوٺ کڻائي ويا آهن ، فوتي نينگر جي ويء آصف داهيو ته پٽ گهر جي در وٽ راند کيڏي رهيو هو ته هيٺ پيل بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿيو ، اسان لاش ڳوٺ نيڻ لاء اسپتال انتظاميا کان ايمبولنس گهري نه ڏيڻ تي مجبورن لاش موٽر سائيڪل تي کڻي وڃون ٿا