بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيرن ڀرسان مزدوري لاءِ ويل نينگر ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪري فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ بڪيراشريف  کوکر فارم ويجهو ٽنڊوالهيار جي علائقي بٺي اسٽاپ جا رهواسي   اوڏ برادري جا ماڻهو ووڻن جي چونڊ جي مزدوري ڪري شام جو واپس وڃي رهيا هئا ته گاھ جي ڀريل ٽرالي مٿان ويٺل 13 ورهين جو راشد اوڏ ڪري پيو جيڪو ٽريڪٽر ٽرالي هيٺيان اچي ويو، جنهن کي ڳڻتي جوي حالت ۾ سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور ستار ماڇي فرار ٿي ويو.