دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي حالت نه سڌري دادو شهر جي چوڪن ، چوراهن ۽ پاڙن ۾ گٽر ۽ نالا اٿلڻ سبب ڊرينيج جو گندو دادو شهر جي مک سئنيما چوڪ ، ڪاليج روڊ ، غريب آباد ، پوليس هيڊ ڪواٽر ۽ اسٽيشن سميت روڊن ، رستن تي بيهي ويو آهي ، سئنيما چوڪ ، پوليس هيڊ ڪواٽر روڊ ، ڪاليج روڊ وٽ گندو پاڻي بيهڻ سبب دوڪاندارن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ، شهرين توڙي خريداري لاء ايندڙ ماڻهن کي سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، ٻئي طرف شمس آباد ، شاهاڻي ، مزدورآباد ، غريب آباد ، وزير آباد ۽ ميمڻ پاڙي سميت شهر جي اڪثر پاڙن ۽ ڪالونين ۾ هفتن جا هفتا صفائي نه ٿيڻ ڪري وک وک تي گند ڪچري جا ڍير پيل آهن ، جنهن مان بدبوء پکڙجڻ ڪري شهري عذاب ۾ اچي ويا آهن.