کورواهه (ن پ ا) کورواھ شهر جو واٽر سپلاء ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل آهي، جنهن ڪري شهر ۾ پئيڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي شهري سراپا احتجاج مظاهرو مظاهرين  ذوالفقار ميمڻ وقار مڳڻهار ذيشان مير ۽ ٻين پهنجي اخبار اڏو دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان شهر جو واٽر سپلاء بند آهي جنهن سبب شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء سڪي رهيا آهن هنن چيو ته پبلڪ هيلٿ کاتو هر سال پهنجا من پسند ملازم رکي ٿو جنهن کي پگهارون به نٿو ڏي ان ايوز ۾ اسان شهري لوڙهي رهيا آهيون هنن مطالبو ڪيو آهي ته شهر جو واٽر سپلاء بحال ڪري شهر کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.