مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي کان حيدرآباد ڇلگري روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو آهي، ڪپر تباھ ھجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل هاء ويز کاتي  پاران روڊ جي مرمت لاءِ ڪي بہ اُپاءَ نه ورتا ويا پرسالوڪي برسات کن پوء سڄي روڊ تي کڏا پئجي ويا آھن  ،  ھن روڊ کي ڊبل روڊ ڪرائڻ جي منظوري جون ڳالهيون سالن کان وٺي ٻڌڻ لاءِ مليون آهن پر روڊ جو مرمتي ڪم اڃان به شروع ناھي ٿي سگھيو  ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ وزير اعظم پاڪستان وزير اعليٰ سنڌ هتان جا چونڊيل نمائندا ۽ وس وارا ھن طرف طوجہ ڏئي روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ڪرائي روڊ کي ڊبل ڪيو وڃي ته جيئن سوين علائقي واسين کي گهٽ ۾ گهٽ ڪا سٺي سفري سهولت ته ميسر ٿي سگهي.