مٽياري (رپورٽر) اڳوڻي ضلعي ڪائونسل مٽياري جي چيئرمين مخدوم فخرالزمان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ جي ڦوڪڻي مان ھوا نڪري چڪي آهي لکن جون ڳالھيون ڪندڙ سون ۾ به گرفتاريون نه ڏئي سگھيا آھن اھڙن خيالن جو اظھار اڳوڻي چيئرمين ايم پي اي آفيس مٽياري تڪ جي عوام سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو مخدوم فخرالزمان جو چوڻ ھو ته عمران خان ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي جنھن سان پاڪستان جو نقصان ٿيندو. مخدوم فخرالزمان جو چوڻ ھو ته اسان جي خاندان ھميشه مٽياري ضلعي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي اسان عوام جي خدمت ۾ يقين رکندڙ آهيون مٽياري شھر جي مسئلن لاء ايم پي اي آفيس جا دروازا کليل آھن اسان اڳي به عوام سان گڏ ھئاسين ھاڻي به عوام جي وچ ۾ آھيون ھڪ سوال جي جواب ۾ مخدوم فخرالزمان جو چوڻ ھو ته مٽياري جي سرڪل روڊ توڙي پاڻي جي مسئلي تي متعلقه ادارن سان ڳالھايو آھي پاڻي جو ڪافي مسئلو حل ٿي ويو آهي باقي سرڪل روڊ جو به انشاء الله ھفتي اندر ڪم شروع ٿي ويندو ان موقعي تي پڻ موجود ھئا