دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) اينٽي ڪرپشن ڪراچي، ڄامشورو ۽ دادو جي ٽيمن پاران دادو جي مختلف سرڪاري ادارن کي ڪرپشن کان آجو قرار ڏئي ڇاپن دوران تحويل ۾ ورتل رڪارڊ واپس ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن ڪراچي، ڄامشورو ۽ دادو جي ٽيمن پاران سال 2013ع کان سال 2022ع تائين  ڊسٽرڪٽ روڊس، پراونشنل هاءِ وي، پبلڪ هيلٿ، صحت کاتي، ميونسپل، تعليم، ضلعي ڪائونسل، اي ڊي ايل جي آفيسن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي اطلاعن تي مذڪوره کاتن جي آفيسن تي 4 کان 5 ڀيرا اوچتا ڇاپا هڻي رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو. پر 8 سالن دوران اينٽي ڪرپشن جي ٽيمن پاران ضبط ڪيل رڪارڊ ۾ دادو جي ڪنهن به سرڪاري کاتي تي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهي آهي. اينٽي ڪرپشن جي ٽيمن پاران ادارن کي ڪلين چٽ ڏيندي ڪرپشن کان آجو قرار ڏئي ضبط ڪيل سمورو رڪارڊ واپس ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ٽيمن پاران پبلڪ هيلٿ، ڊسٽرڪٽ روڊس، پراونشنل هاءِ وي، ميونسپل، ضلع ڪائونسل ۾ ڇاپن دوران اربين روپين جي اسڪيمن جا ٽينڊر صرف رڪارڊ ۾ رکڻ لاءِ ڊمي اخبارن ۾ ڏيڻ سان گڏ، اين آءِ ٽي ۾ بيقاعدگيون ڪرڻ ۽ سوين اسڪيمون 3 کان 5 ڀيرا ڏيکاري اربين روپين جون بيقاعدگيون ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو. اينٽي ڪرپشن جي ٽيمن پاران ڊسٽرڪٽ روڊس ، پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل دادو مان ٽينڊر ڪلرڪ ۽ ٻين ڪلرڪن کي حراست ۾ به ورتو هو پر بعد ۾ کين به آزاد ڪيو ويو هو.  اينٽي ڪرپشن حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪراچي ٽيمن جي نگراني ڪندڙ آفيسرن پاران ڇاپن دوران مٿين سرڪاري کاتن ۾ اربين روپين جي ڪرپشن بابت پريس بريفنگ به ڏني وئي هئي.