دادو: اينٽي ڪرپشن کاتي جي هڪ آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته دادو ضلعي جي مختلف کاتن مان جيڪو رڪارڊ کنيو ويو هو ، ان ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جا ثبوت مليا هئا. پبلڪ هيلٿ، ڊسٽرڪٽ روڊس ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن، ٽينڊر ڪلارڪن ، ڪلارڪن جون ڪنسٽريڪشن ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيل جن جي نالن تي ٺيڪا کنيا ويا ، ان کان علاوه بااثر ماڻهن جون ڪنسٽريڪشن ڪمپنيون آهن ۽ ترقياتي اسڪيمن جا اڪثر ڪم انهن جي حوالي هئا، پبلڪ هيلٿ ، ڊسٽرڪٽ روڊس ، ميونسپل ، پراونشنل هاءِ وي ۾ 50/ 50 ڪروڙ روپين جي اسڪيمن جا ٽينڊر سرڪيوليڊ اخبار بجاءِ اهڙين ڊمي اخبارن ۾ ڏنل هئا جن جا نالا اسان پهريون ڀيرو ٻڌا ۽ ڏٺا ، هنن ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن سنڌ حڪومت جي ماتحت ادارو آهي، ان ڪري ڪم ڪرڻ ناهي ڏنو ويندو ، جيڪو ڪم ڪندو آهي ته ان کي هٽايو ويندو آهي.