اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي سان سندس ڀيڻ فوزيه صديقي کي ملاقات جي اجازت ملي وئي، ايڊيشنل اٽارني جنرل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي قيد مان آزادي ۽ پاڪستان منتقلي واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته عافيه صديقي سان 29 کان 31 مئي تائين ٽن ڏينهن دوران ملاقات طئي ٿي وئي آهي، فوزيه صديقي ۽ آمريڪي وڪيل ڪلائيو سمٿ عافيه صديقي سان ملاقات ڪندا، هن چيو ته فوزيه صديقي کي آمريڪا جي 5 سالن لاءِ ويزا  ملي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل پاران عافيه صديقي جي نفسياتي چيڪ اپ لاءِ آزاد ڊاڪٽر جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت پرڏيهي وزارت کي عافيه صديقي لاءِ آزاد نفسياتي ڊاڪٽر جون خدمتون وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.