دادو: جتوئي شاهاڻي جرڳي خلاف وڪيل غلام نبي لاشاري درخواست واپس وٺي ڇڏي

0
432
جتوئي شاهاڻي جرڳي خلاف

دادو (رپورٽر) دادو بار جي ميمبر وڪيل غلام نبي لاشاري پاران دادو ۾ پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جي بنگلي تي ٿيل جتوئي شاهاڻي جرڳي خلاف دادو جي عدالت ۾ داخل ڪيل پٽيشن تان هٿ کڻي ويو ، وڪيل غلام نبي لاشاري پاران جرڳي خلاف داخل درخواست تان هٿ کڻڻ تي عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي، وڪيل غلام نبي لاشاري جو چوڻ آهي ته سکر هاءِ ڪورٽ ۾ جرڳن خلاف پٽيشن داخل ٿيڻ ڪري دادو ۾ ٿيل جرڳي واري درخواست واپس ورتي.