ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن جي واهر لاءِ دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن  کي وڌيڪ 3 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن،  ان ڏس ۾ ناڻي کاتي جي اختيارين دادو ۽ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنرن کي ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا  جاري ڪيا ويا  آهن. واضح رهي ته سنڌ حڪومت پاران مختلف وقتن تي ڊي سيز کي پوڻا  2 ارب رپيا جاري ڪيا آهن، ايڏي وڏي رقم جاري ٿيڻ باوجود مختلف ضلعن ۾ برسات متاثرن پاران رليف وارو ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج به سامهون اچي رهيا آهن.