لاهور (م ڊ) ملڪ ۾ غير معمولي برساتن کانپوءِ موسميات کاتي هڪ ٻي وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري ئي پاڪستان ۾ چوماسي جون برساتون غير معمولي طور پيون، جنهن سبب ٻوڏ آئي ۽ وڏي تباهي ٿي. موسمياتي تبديلين جي ڪري هلندڙ سال ملڪ ۾ رڪارڊ سموگ کي به منهن ڏيڻو پوندو. موسمياتي ماهرن موجب وڌيڪ برساتن سبب هوا ۾ گهم جي شرح تمام وڌيڪ آهي، جيڪا گدلاڻ ۽ ٻين عملن سان گڏجي انتهائي سموگ جو سبب بڻجندي. ماهرن جو چوڻ آهي ته امڪاني طور اهو سموگ نومبر جي منڍ کان پنجاب ۽ سنڌ جي جابلو علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندو ۽ ڊسمبر تائين جاري رهندو. اهڙي ريت ڊسمبر جي آخر ۾ به سموگ هوندو، جيڪو جنوري جي شروعاتي ڏينهن تائين جاري رهندو.