ڪراچي(اسٽاف رپورٽر/ م ڊ ) ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي جنازي نماز ۾ ويل  ڊپٽي ڪنوينر عامر خان کي مڇريل ڪارڪنن تشدد ڪرڻ بعد موٽائي ڇڏيو، ان حوالي سان ڪالهه ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وسيم راجو جي جنازي نماز شاهه فيصل ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، نماز کان اڳ بدنظمي پڻ پيدا ٿي، جنازي نماز تي آيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان کي مڇريل ڪارڪنن گھيري ۾ آڻي بي عزتي ڪئي، جنهن بعد عامر خان جنازي نماز پڙهڻ بنا ئي واپس روانو ٿي ويو. مڇريل ڪارڪنن جو چوڻ هو ته ساٿين جا لاش ملن پيا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اقتدار جا مزا پئي وٺي ، ڪارڪنن جي  مالڪي  نه ٿي ٿئي. ٻئ طرف ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر وزيراعظم کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن گم ٿيل ڪارڪن آزاد نه ٿيا ته اوهان پنهنجي حڪومت پاڻ سنڀاليو.صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ اسان جي ووٽن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، ڇا شهباز شريف کي وزيراعظم ان ڪري ٺاهيو هو ته ڪارڪنن جا لاش ملن؟ هن ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گم ٿيل ڪارڪن آزاد نه ٿيا ته پنهنجي حڪومت پاڻ سنڀاليو، ٽن وڏين جماعتن سان معاهدي باوجود لاش ملي رهيا آهن.