خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي، شهري ۽ واپاري غيرمحفوظ، ڀتا مافيا سرگرم، شھرين ۽ واپارين رستن تي نڪري آيا. خبر موجب خيرپور ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو نه اچڻ ۽ واپاري جي گهر مٿان ڀتا مافيا جي فائرنگ واري عمل خلاف گذريل ڏينهن شهرين ۽ واپارين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثر واپاري بابر علي ڪانڌڙي صحافين کي ٻڌايو ته مون کي ڀتو ڏيڻ لاءِ ڏوهارين جا فون ۽ ڌمڪيون اچي رهيون هيون. گذريل رات ڀتا مافيا جي ڪارندن گهر تي فائرنگ ڪري حراسان ڪيو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڀتا خورن خلاف سخت ايڪشن کڻي شهرين ۽ واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.