چوھڙجمالي(ن پ ا) درگاھ شاھ يقيق ۽ جلالي بابا جو 588 هون عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي، جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، ميلي جي تقريبن جو افتتاح اوقاف مئينجر غلام رسول سمومرو درگاھ تي چاڙهي ڪيو. ان موقعي تي اوقاف مئنيجر غلام رسول سومرو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته عرس مبارڪ جي موقعي تي ايندڙ زائرين  لاء پئيڻ جي صاف پاڻي ميڍيڪل ڪئمپ سميت سموريون سھولتون  موجود آهن ته جئين  ايندڙ زائرين  کي ڪنهن به پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.ھـن چيو ته عرس مبارڪ سبب سيڪورٽي جا پڻ انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آهن ته ڪو به اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي.ٻئي طرف ميلي ۾ واپارين پاران رانديڪن مٺائين جي بازران کي ڪنوار جيان سجايو ويو آهي، جڏهن موتي جو کوه چڙيا گهر سرگس پڻ لڳايا ويا آهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زائرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي پوليس پاران سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.