اڏيرولال وليج (ن پ ا) يونين ڪائونسل اڏيرولال وليج جي وڏي آباد واري ڳوٺ بهريون ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪارا هجڻ سبب رهواسي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا، ڳوٺ بهريون جي ملاح پاڙي جي رهواسين غلام مصطفيٰ ملاح، گل ملاح، محمد بچل عرف نانا ملاح ميڊِيا کي ٻڌايو آهي ته ڪافي وقت کان وڏي آبادي واري ڳوٺ جو ڊرينيج سسٽم ناڪارا هجڻ سبب هتان جا رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن ٻڌايو ته ڊرينيج نالن جي مرمت نه ٿيڻ سبب گندي پاڻي جون ناليون هنڌان هنڌان ٽٽي ويون آهن، جنهن ڪري گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهجي پوي ٿو ۽ گندي پاڻي سبب مڇرن ۽ مکين جو آزار پڻ وڌي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن ايم اين اي مخدوم جميل الزمان ۽ ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ بهريون ۾ ڊرينيج سسٽم جي نالين کي ٻيهر تعمير ڪرايو وڃي ته جيئن وڏي آبادي سک واري زندگي گذاري سگهن.