خيرپور (اسپورٽس نيوز) خيرپور ڀرسان ڳوٺ گجو ڦلپوٽو ۾ گجو پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري آهن. ان سلسلي ۾ خيرپور سلطان اليون ۽ رحمان سولجر اليون وچ ۾ مقابلو ٿيو. پهريان بيٽنگ ڪندي رحمان سولجر اليون مقرر 10 اوورن ۾ 165 رنز ٺاهيون، جڏهن ته خيرپور سلطان اليون 100 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. مين آف دي ميچ ڪرم ملاح کي قرار ڏنو ويو. ميچ ۾ ٽائون ڪاميٽي ٺيڙھي جي ايڊمنسٽريٽر سيد اعجاز علي شاهه خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي.